دايو، فقير لطف علي

دايو، فقير لطف علي

فقير لطف علي دايو

فقير لطف علي دايو : نامور شاعر فقير لطف علي ولد غمدل فقير دايو، 1925ع ۾ پني عاقل ۾ ڄائو. سندس والد مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ هو، جيڪو 1948ع ۾ اتان لڏي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. فقير لطف علي سنڌي فائينل پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران مختلف پرائمري اسڪولن ۾ هيڊماستر جو عهدو سنڀاليندي، 1988ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيائين. فقير لطف علي دايو والد جي وفات کانپوءِ والد جي فقراهي گاديءَ جو سجاده نشين ٿيو. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائين.فقير لطف عليءَ پنهنجي والد غمدل فقير جي شاعريءَ جو ديوان ترتيب ڏئي ’ديوانِ گلزار غمدل‘ جي عنوان سان 1989ع ڇپرائي پڌرو ڪيو. 18 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سندس والد غمدل فقير جي پاسي ۾ درگاهه رتيديري شهر ڀرسان نبي شاهه وڳڻ، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.نامور شاعر فقير لطف علي ولد غمدل فقير دايو، 1925ع ۾ پني عاقل ۾ ڄائو. سندس والد مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ هو، جيڪو 1948ع ۾ اتان لڏي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو.فقير لطف علي سنڌي فائينل پاس ڪري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران مختلف پرائمري اسڪولن ۾ هيڊماستر جو عهدو سنڀاليندي، 1988ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول رتيديري مان رٽائر ڪيائين. فقير لطف علي دايو والد جي وفات کانپوءِ والد جي فقراهي گاديءَ جو سجاده نشين ٿيو. سنڌي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ ڪافي شاعري ڪيائين.فقير لطف عليءَ پنهنجي والد غمدل فقير جي شاعريءَ جو ديوان ترتيب ڏئي ’ديوانِ گلزار غمدل‘ جي عنوان سان 1989ع ڇپرائي پڌرو ڪيو. 18 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه سندس والد غمدل فقير جي پاسي ۾ درگاهه رتيديري شهر ڀرسان نبي شاهه وڳڻ، ضلعي شڪارپور ۾ آهي.


لفظ فقير لطف علي دايوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2011.12.18  عيسوي

فقير لطف علي 18 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رجب آزاد
امداد حسيني
عاشق هالائي
بيوس رضوي
ڀڳت مدن
اوڌوداس
سرواڻ سنڌي
محمد زمان شاهه ساقي ٺٽوي
بسمل ٽکڙائي
چتر ڀڄ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون